SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


روسو جين جاڪس


سياسي اصطلاحن جي لغت مان:

روسو جين جاڪس

Rousseau Jean- Jacques

هي فرانسيسي مفڪر هو، جيڪو آزاد خيالي جو حامي هو. هن 28 جون 1712ع تي اک کولي ۽ 1778ع ۾ لاڏاڻو ڪيو.روسو سياسي عادتن ۽ ادارن جي مطالعي لاءِ فردن جي فطرت جي مطالعي کي ضروري خيال ڪري ٿو. سندس آڏو رياست کي جاچڻ لاءِ ٻه طريقا آهن. هڪ ايراضي ۽ ٻيو آباديءَ جو تعداد. هن جي چوڻ مطابق هڪ مثالي رياست جي آبادي 10 هزار هئڻ گهرجي. مجموعي طور ننڍي رياست وڏي رياست کان وڌيڪ مضبوط ۽ طاقتور هوندي آهي.روسو مطابق انسان کي حقيقي آزادي رڳو فطري حالت ۾ حاصل آهي. سندس خيال آهي ته الله تعالى انسان کي بلڪل آزاد پيدا ڪيو آهي پر دنيا ۾ پاڻ کي سوين بندشن جو پابند محسوس ڪري ٿو. هي شهري آزاديءَ جو حامي آهي. روسو سڌي جمهوريت تي يقين رکندي قانون ٺاهڻ جو اختيار عوام حوالي ڪرڻ چاهي ٿو. هن هيٺيان اهم ڪتاب لکيا.(1) Discourses on the Origin of Inequality(2) Social Contract, 1762.(3) Emile.(4) Confessions.(5) ev eries.


Remember Me Also:

تجنيس زائد

ث. شعر جي مصرع ۾ اهڙن لفظن جو استعمال جن مان هڪڙي جي اڳ ۾ اکر وڌيل هجي ”جيئن وڌيو ڌن، مال، رتبو، شان شاهوڪار جو، تيئن وڌيو دنيا جي باعث زار جي آزار جو“.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal